اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل ان??رويو ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حملو ڪيو آهي، ف??ج سڌو چيو آهي ته اها سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار ڪ??هن به جمهوريت ۾ نٿو هلي س??هي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. عمران خان جو سياسي طريقيڪار تڪرارن سان ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جمهوري قدم نه کڻندي، ف??ج فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي سياست کان ڌار رکڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري س??هي. هن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چيني شهرين تي تازو ٿيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ – چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي. هن چيو ته آمريڪا ۽ چين سان سان لاڳاپن ۾ توازن رکڻ ڏکيو نه هوندو.