اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان ??ومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسم??ني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپ??ن سيل ان ??قت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث ??ان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد مدثر کي ٽن ڏينهن جو جسم??ني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي بئنڪ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي. جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسم??ني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صح??حن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسم??ني ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسم??ني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.