اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسين، سعودي ??رب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽري مذهبي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي ن??از جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دورا?? ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن س??ن به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول ج?? حصو آهي.