اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊه ۾ ڀارتي فوجين جي هٿان چار ڪشميري نوجوانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض عملدارن جي اها وحشياڻي ڪارروائي ڪشمي??ين جي خلاف ڀارت جي غيرقانوني ۽ ??اب??اڻي ڪاررواين جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي س??گين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حلجي لاءِ ڪشمي??ين جي س??اسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.