لاهور-16 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ صدر محمد نواز شريف چيو ??هي ته موجوده حڪومت مهانگائي جي ذميوار ناهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪ معاشي طور بدحال ٿيو، 500 يونٽ تائين جي صارفين کي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف ۽ غريب ۽ وچولي طبقي کي سولر پينل ڏناويندا. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي. محمد نواز شريف چيو ??ه 2013ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) حڪومت سنڀالي ته ملڪ جي ڪمزور معيشت کي مضبوط ڪيو، ملڪ اونڌاهين ۾ ٻڏل هو، اسان نه رڳو ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي بجلي جي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪاريو ڏياريوپر چين جي تعاون سان بجلي جا ڪارخانا به لڳايا. هن چيو ??ه ڄاڻان ??و ته اڄ ملڪ ڪهڙي دور مان گذري رهيو ??هي، 2017ع ۾ منهنجي حڪومتي دور ۾ ڀاڄين جون قيمتون عام ماڻهن جي پهچ ۾ ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ هئي، ماڻهن جي زندگي جو معيار ??مام سٺو ۽ آمدني ماڻهن جي خرچن کان وڌيڪ هئي. اسان ڊالر 104 روپين تائين چئن سالن تائين محدود ڪري رکيو، جيڪڏهن اسان کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي ها ته ڊالر 104 روپين تائين ئي رهي ها. بجلي جون قيمتون نه وڌن ها ۽ مهانگائي نه ٿئي ها، اسان جي حڪومتي دور ۾ عالمي ادارن پاڪستان جي معيشت کي مضبوط قرار ڏنو هو. محمدنواز شريف چيو ??ه وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪجهه وقت اڳ 200 يونٽ استعمال ڪندڙن کي تمام سٺو رليف ڏنو جيڪو اربين روپيا آهي. هن چيو ??ه موجوده حڪومت مهانگائي جي ذميواري ناهي پر پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ملڪ معاشي طور بدحال ٿيو، پي ٽي آءِ باني جي غلط پاليسين سبب اڄ ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو ??هي، جن ماڻهن ملڪ کي ان حالت ۾ پهچايو ??نهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي، مون کي ملڪ جي موجوده حالتن کي ڏسي ڏک ٿئي ٿو، هن چيو ??ه مون کي خبر آهي ته عوام مهانگاني جي ڪرڀ مان گذري رهيو ??هي، منهنجو اشارو خاص ڪري مهانگي بجلي جي بلن طرف آهي ۽ اوهان ڄاڻون ٿا ته جڏهن 21 آڪٽوبر تي جڏهن مينار پاڪستان تي ڳالهايو ??ه مون تڏهن به بجلي جي مسئلي تي ڳالهايو، بلن کي به پيش ڪيو هو ته منهنجي زماني ۾ بجلي جو بل ڪيترو هو ۽ اڄ ڪيترو ٿي ويو ??هي. مان ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اوهان جو ڪرڀ محسوس ڪريان ٿو ۽ ڪري رهيو ??هيان، منهنجو ذهن بار ??ار 2017ع طرف وڃي هو ۽ وڃڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان وقت الله جي ڪرم سان مهانگائي جو نالو ۽ نشان به نه هو، هن چيو ??ه جڏهن کان مريم نواز شريف وزيراعليٰ ۽ محمد شهباز شريف وزيراعظم بڻيا آهن آئون تڏهن کان چئي رهيو ??هيان ته مهانگائي جوطوفان گهٽ ڪريو، اها سان نه ڪئي، اهو ڪرڻ وارا ٻيا هئا، اهو ڪم پي ٽي آءِ باني جي زماني ۾ شروع ٿيو، مون ته آءِ ايف کي به خداحافظ چئي ڇڏيو هو ۽ هن پاڻ چيو هو ته هاڻي پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه هوندي، پر وري آءِ ايم ايف کي ٻيهر ڪنهن آندو؟ اهو آئون نه آهيان، محمد شهباز شريف ناهي، هي اهو ئي آهي جيڪو اڄ وڌي چڙهي جيل مان ڳالهائي رهيو ??هي. هن چيو ??ه جن ماڻهن کي اڄ 18 هزار ??و بل اچي ٿو، 2017ع ۾ 1600 روپيا ايندو هو، ايترو بل غريب ڪٿان ڏئي سگهندو؟ مان مريم نواز جو شڪريو ??دا ڪريان ٿو ۽ کيس شاباش ڏيان ??و ته هن اٽي جي قيمت کي گهٽ ڪيو ??نهن جي نتيجي ۾ ماني جي قيمت گهٽ ٿي وئي، اسان پرڏيهي قرضن کي ادا ڪيو هو، موٽر ويز اسان اوڌر تي نه پر پنهنجي وسيلن مان ٺهرايا، هن چيو ??ه جيڪو سلسلو 1991ع ۾ هليو ??يڪڏهن اهو اڄ تائين هلي ها ته اسان هڪ تمام وڏي قوم بڻجي چڪون ها، جيڪڏهن ايٽمي طاقت کانپوءِ ملڪ کي صحيح طريقي سان هلڻ ڏنو وڃي ها ته اسان ڪٿي هجون ها، جيڪڏهن 2017ع ۾ اسان کي سازش تحت نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ اسان ڪٿان کان ڪٿي هجون ها؟ هن چيو ??ه مون کي اقتدار ??ي خواهش ناهي، منهنجي دل ڏکي ٿي ته اسان ڇا ڪيو ??هي، ناقابل معافي آهن جن 1600 جي بل کي 18 هزار تائين آڻي هليا ويا، آئون درخواست ڪريان ??و ته انهن جي دوکي ۾ نه اچو، هن ملڪ ۾ ڪنهن عوام جو استحصال ڪيو؟ انهن سڀني ڳالهين تي تمام گهڻو ڏک ٿئي ٿو. هن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ??ه هي آئنده ماڻهن کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ سولر پنيل اسڪيم آڻي رهي آهي ۽ ماڻهن کي سولر پينل فراهم ڪيا ويندا ته جيئن بجلي جو بل وڌيڪ گهٽ ٿي وڃي ۽ ان لاءِ 700 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ??هي. هن چيو ??ه بجلي جي بل جي رليف ۾ 45 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، ان پروگرام سان ماڻهن کي رليف ملندو ۽ انهن جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، مان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي شاباش ڏيندي چوندس ته هو سولر پينلز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان تعاون ڪري ۽ ??اق?? صوبن کي به اها ئي گذارش ڪندس ته اهي به عوام کي رليف ڏين.