اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ امام حسين عه جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو وي??، مختلف شهرن ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا، سڄي ملڪ ۾ چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيل هئا. ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ڪالهه سومر ڏينهن 26 آگسٽ 2024ع تي سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو وي??. ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، گل??ت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا.
ڪراچي ۾ مر??زي جلوس خارادار مان نڪتو جڏهن ته حيدرآباد ۾ مر??زي جلوس قدم گاهه مولا علي رضه تان انجمن اماميه سنڌ جي انتظام هيٺ نڪتو جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو واپس امام بارگاهه دادن شاهه پهچي اختتام پذير ٿيو. جلوس ۾ شريڪ عزادارن ماتم ۽ زنجير زاني ڪئي، جڏهن ته نوحن وسيلي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو وي??. جڏهن ته ان کانسواءِ بدين، تلهار، ٽنڊو ڄام، ميرپورخاص، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٺي، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پڻ ذوالجناح ۽ علم پاڪ سان جلوس برآمد ڪيا ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو وي?? هو جڏهن ته فورسز جا ڪيترائي جوان جلوسن تي رستن تي مقرر هئا.