اسلام آ??اد-30 آگسٽ (ا?? پي پي) چين جي ڪارساز ڪمپني بي واءِ ڊي جو پاڪستان ۾ پنهنجون گاڏيون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. بي واءِ ڊي طرفان جاري بيان موجب ڪمپني پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخل ??يڻ جو اِرادو رکي ٿي ۽ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام اباد ۾ فليگ شپ اسٽورز ۽ ايڪسپيرينس سينٽر کوليندي ۽ 3 سالن اندر سڄي ملڪ ۾ 20 کان 25 ڊيلرز قائم ڪندي ۽ هلندڙ سال جي چوٿين ٽه ماهيء?? ۾ 2 ايس يو وي ۽ هڪ سيڊان سميت 3 ماڊلز جو وِڪرو شروع ڪندي. ڪمپني چيو ته بي واءِ ڊي مقامي مينيوفيڪچرز جي تعاون سان ڪراچيءَ ۾ هڪ فيڪٽري تعمير ڪندي جنهن جو 2026ع جي ??هرين ڇهه ماهي ۾ مڪمل ٿيڻ جي توقع آهي، جيڪو پاڪستان جو پهريون نيو انرجي ??هيڪل اسمبلنگ پلانٽ هوندو. بي واءِ ڊي جي ??اڪستاني مارڪيٽ ۾ داخلا سان نه صرف ملڪ ۾ چين جي اليڪٽرڪ گاڏين جو اثر رسوخ وڌندو پر توانائي جي ??نتقلي ۽ ماحول دوست ترقيءَ جي شعبن ۾ ترقيءَ ۾ به مدد ملندي. چين جي ??يون گاڏيون ترقياتي مرحلي ۾ داخل ??ي چڪيون آهن.