اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ ??عا??ن وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ ??عا??ن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ا??بڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ ??عا??ن اهم آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو ک??ي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ ??عا??ن وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ قائم ٿئي، ازبڪستان پاڪستان سان ا??ٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.