نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورث?? ۽ ??قافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا جنهن ۾ سوال اٿاريو ويو ته هڪ اهڙي پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي، ان کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي س??هجن ٿيون، آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي هوندي آهي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ۾ ئي نه هو، سلمان ??ڪرم راجا انتهائي عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جهڙي انداز ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام موجود آهي، مخصوص سيٽن تي آئيني ۽ قانوني سوالن جو جواب اچڻ ضروري آهي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تازن ڏينهن ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا ۽ چيو ته اهڙي سياسي پارٽي کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي س??هجن ٿيون جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه آهي، قانوني طور تي انهن کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏئي س??هجن. وفاقي وزير چيو ته رولز اڳ ۾ ئي موجود هئا، پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪئي جنهن موجب ڪو به آزاد اميدوار ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري س??هي ٿو. ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي لاءِ جمع ڪرايل حلف نامن جي خلاف ورزي فلور ڪراسنگ تصور ٿئي ٿي. هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ چوائس موجود هئي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪري غلطي ڪئي ڇو ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ موجود ايم ڊبليو ايم کي به جوائن ڪري س??هي پئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ان ??لطي کي ڪهڙي طرح درست ڪري س??هجي ٿو، ڇا انهن ماڻهن جيڪي حلف ناما جمع ڪرايا ڇا اهي ڪوڙا هئا؟ ڇا پارٽي تبديل ڪرڻ جي گنجائش هر ڪنهن کي ميسر رهندي؟ جنهن جي دل چاهي اهو حلف نامو منسوخ ڪري پارٽي تبديل ڪري س??هي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان ??ڪرم راجا معزز جج بابت عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ گهرج?? ۽ ??يڪڏهن ان ??ي بيان ۾ حقيقت آهي ته ان ??ي باقاعده وضاحت اچڻ گهرجي، اها وڏي حيرانگي جي ڳالهه آه?? ۽ ??مجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ليڊر آن ايئر اها ڳالهه ڪيئن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ اسپيڪر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، ان معاملي تي اسپيڪر سان گڏ بيٺل آهيون ته قانونسازي کي اوور رول ڪري فلور ڪراسنگ جي اجازت ڪيئن ڏئي س??هجي ٿي؟ هن چيو ته اسپيڪر جيڪو سوال اٿاريو آهي اهو قانون?? ۽ ??ئيني سوال آهي. ان کانسواءِ جسٽس يحييٰ آفريدي جي اختلافي نوٽ جي اندر وڏا اهم نقطا اٿاريا ويا آهن ۽ باضابطا طور تي چيو ويو آهي ته هڪ پارٽي جيڪا ٻڌڻي ۾ ڌر ئي نه هئي، نه ئي ان ??رخواست ڏئي رکي هئي، ان کي ڪهڙي طرح ريليف ڏئي س??هجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو وڏو اهم ۽ آئيني سوال آهي ته ڪير ڌر نه هج?? ۽ ??يليف نه گهريو وڃ?? ۽ ??ن کي ريليف ڏنو وڃي، جهڙي انداز سان ??حريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام آهي، ان ??و جواب اچڻ ضروري آهي.