اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، ??راعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بيلاروس جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. بيلاروس جي زراعت بابت نائب وزير شگوئيڪو ۽ صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي مو??ود هئا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان مو??ب بيلاروس ٽريڪٽر جو گڏيل پلانٽ پاڪستان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ ايف ايم وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ زرعي انجنيئرن جي تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان مو??ب بيلاروس پاڪستان ۾ زرعي مشينن جي جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، ??راعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند ??هيون. زرعي شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميون کي بيلاروس جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽرنري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بيلاروس جي نائب وزير چيو ته بيلاروس پاڪستان ۾ وٽرنري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿو.