اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي ??عوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي ??رڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشي?? جي وزيراعظم داتوسري انور ابر??هي?? جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي ??ستي ملائيشي?? جي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ملائيشي?? جي وزيراعظم کي 21 توپن جي ??لامي ڏني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن ملائيشي?? جي وزيراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابر??هي?? دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابر??هي?? صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي ??والي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائيشي?? جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.