دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران اڄ خ??يس ڏينهن مصروف ڏ??نهن گذاريندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب قطر جي امير شيخ تميم بن ??ماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قطر جي وزيراعظم محمد بن ??بدالرحمان بن ??اسم الثاني سان ملاقات پڻ ڪ??دو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي قطر جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.