اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني غذائي تحفظ جي اهميت ۽ هر ماڻهوءَ کي مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لا??ِ جٽادار طريقن جي ضرورتن کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي ڏينهن اسان جي ڪميونٽيز ۾ بُک ۽ عذائيت جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ اسان جي گڏيل ذميداريءَ جي ياد پنهنجن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، انهن شعبن جي بهتريءَ لا??ِ اسان کي گڏجي هڪ مفيد خوراڪ جو نظام بڻ??ئڻ?? پوندو ج??ڪو نه صرف اسان جي ماڻهن جي بهترين پرورش ڪري پر اسان جو مستقبل به مح??وظ بڻائي. سينيٽ چيئرمين خوراڪ جي زيان جي ازالي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ج?? جي عيوض خوراڪ جي پيداوار ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ايندڙ نسلن لا??ِ معياري ۽ گهڻي خوراڪ جي پائيداري ۽ پهچ يقيني بنائڻ لا??ِ گڏيل ڪوششن تي پڻ زور ڀريو.