اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ص??دق?? سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي ??يا?? لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪا??ون??ل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ م??ابق اسپيڪر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائندگي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي مان خاص ڪميٽي جي ??يا?? لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ م??ن به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.