اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ?? جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ?? جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آمر جي خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ?? جمهوريت جي بحالي ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جمهوريت جي لاءِ سندس قربانين ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، هوءَ مادر جمهوريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو سياسي بصيرت رکندڙ ۽ مدبر اڳواڻ هئي، هن عورتن ج?? خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن ج?? شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.