اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح ??ي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي ??هي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان جي پنجين عالمي ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪن??ي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? جي صنعتن ۾ پاڪستان جو عالمي سطح ??ي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? مصنوعات پاڪستان جي قومي روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو ??هي. ڄام ڪمال خان چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? صنعتن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعتن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي ??هي. هن چيو ته پاڪستان جي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو ??هي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخي روانگي واپار ٿيو. پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ٽيڪسٽائيل ۽ ??يڌ?? صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪن??يءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.