اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خ??بر??ختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊ?? ۽ ??طلاعات، نشريات، قومي ورث?? ۽ ??قافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن جي مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خ??بر??ختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خ??بر??ختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خ??بر??ختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خ??بر??ختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خ??بر??ختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خ??بر??ختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، خ??بر??ختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خ??بر??ختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خ??بر??ختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪ??و ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل ??ان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خ??بر??ختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خ??بر??ختونخواهه ۾ تعليم?? ۽ ??قافتي سرگرمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.