اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته قوم ل??ءِ هي انتهائي خوشي جو موقعو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم چيو آهي، ته پاڪستان جي ب??لر?? ۽ بيٽسمينز آسٽريليا خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز ۾ سندن ئي ملڪ ۾ سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته هن سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن ۽ مينجمينٽ جي محنت شامل آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ان ڪاميابي جي پوري ريت حقدار آهي.