ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي مذمت ڪ??دي واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ??ائ??س جي ميڊيا سيل مان جاري بيان ??وج?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انت??ائ?? بزدلاڻو عمل ۽ بربريت آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ شهيد ٿيل شهرين جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.