لاهور – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ بحريه هر طرح جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، بليو اڪانومي سان ??ي اسان ??ي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، پاڪستان ??هشتگرد?? جي ڪري وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، حڪومت ۽ پاڪ فوج دهشتگرد?? جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ن??وي وار ڪ??لي?? ۾ ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ بحريه هر قسم جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، پاڪ بحريه جا بهادر آفيسر ۽ جوان پاڪستان ??ي سامونڊي حدن جو تحفظ يقيني بڻائي رهيا آهن، پاڪ بحريه سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، دوست ملڪ چين پڻ سامونڊي شعبي ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ اسان ملڪ مان ??هشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو هو، دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ اسان ??ا 80 هزار ماڻهو شهيد ۽ ملڪي معيشت کي 3 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، پاڪستان ??هشتگرد?? جي ڪري وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، اسان ??ا آفيسر ۽ جوان پنهنجي عوام جي محفوظ مستقبل جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي رهيا آهن، پاڪستان ??ي لکين ٻارن کي بچائڻ جي لاءِ انهن جا ٻار يتيم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج دهشتگرد?? جي خاتم?? جي لاءِ پرعزم آهن، بدقسمتي سان ??هشتگرد?? جي ناسور هاڻي ٻيهر ڪَر کنيو آهي، جيستا??ين دهشتگرد?? جي ناسور جو خاتمو نه ٿا ڪري وٺون سُک سان ن?? ويهنداسين، دهشتگرد?? جي ناسور جي خاتمي لاءِ اسان ??و عزم پختو آهي. شهباز شريف چيو ته مون هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو دورو ڪيو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڪم ريئل اسٽيٽ جو نه آهي پر بزنس ۾ ماڻهن کي ڪاروبار جي لاءِ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي جديد ٽيڪنالاج?? جي ذريعي تيز ترين لوڊنگ ۽ اَن لوڊنگ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڀائر ملڪ سعودي عرب هڪ سال جي لاءِ ٽي ارب ڊالر قرض جي ادائيگي ۾ توسيع ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ صلاحيتن سان ڀرپور ملڪ آهي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي پنهنجي ڪوششن کي گڏ ڪري هڪ ٿي قدم کڻڻا پوندا، اسان کي پنهنجي حقيقي ڪم تي ڌيان ڏيڻو آهي، پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان ??ي ابن ڏاڏن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان کي ماض?? جي غلطين مان ??بق سکي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ??يپڪس ڪميٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿيا آهن ته جيئن پاڪستان ??ڪومت، فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي پختو عزم ڪري دهشتگرد?? جي لعنت جي خلاف جنگ وڙهي سگهي، اسان ملڪ ۾ فول پروف سيڪيورٽي چاهيون ٿا ته جيئن ماڻهو پنهنجي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ته جيئن ٻاهريان ??يڙپڪار پاڪستان ۾ ماحول کي سازگار ڏسي سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ بليو اڪانومي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، بليو اڪانومي سان ??ي اسان ??ي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، هي وقت آهي ته اسان ??ن تي ڌيان ڏيون ۽ حڪومت ان ??ي لاءِ هر قسم جي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته گوادر بندرگاهه هڪ مرڪزي حيثيت رکي ٿي، ان کي بهترين ڪمرشل بندرگاهه بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ??ي اسڪلز ۽ جهاز سازي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، بدقسمتي سان ماضي ۾ ان مقصد کي هٿي نه ملي سگهي ۽ اسان ??ڀني کي ان ??ي سببن جي خبر آهي. ان کان ??ڳ چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان ن??وي وار ڪ??لي?? اچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ڪمانڊنٽ پاڪستان ن??وي وار ڪ??لي?? ريئر ايڊمرل اظهر محمود ورڪشاپ دوران مختلف سرگرمين جو خلاصو بيان ڪيو. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن پاران ملڪي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ بهتر?? جي لاءِ اهم تجويزون پيش ڪيون ويون. ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جو مقصد ساموندي سلامتي ۽ ميري ٽائيم اڪانومي بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ پارليامينٽ ميمبر، سياستدان، بيوروڪريٽس، هٿياربند فوج جا آفيسر، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شريڪ هئا.