اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪ??ڪ ۾ پوليو ورڪرز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگ??د پاڪستان جي عوام کي صحتمند ۽ خوشحال ڏسڻ نه ٿا چاهين، پاڪستان جي عوام وڌي چڙهي پوليو مهم ۾ حصو وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پوليو ٽيم تي حملي ۾ سيڪيورٽي اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جي مستقبل ??ا دشمن آهن، دهشتگ??د پاڪستان جي عوام کي صحتمند ۽ خوشحال ڏسڻ نه ٿا چاهين. صدر پاڪستاني عوام تي ز??ر ڏنو ته اها وڌي چڙهي پوليو مهم ۾ حصو وٺي. صدر چيو ته عوام کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين. صدر آصف علي زرداري ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.