اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ??رٿ چيو آهي ته پوليو وائر?? جي موجوده صورتحال سڄي ملڪ جي ٻارن لاءِ سن??ين خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هاءِ رسڪ يونين ڪائونسل گوجرو دؤري دوران ڪيو. دؤري دوران هن پوليو مهم جو معائنو ڪيو ۽ ٽيمن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته 16 کان 22 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ جي 143 مخصوص ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم جاري رهندي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ورڪرز سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجي 5 سالن تائين جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيئارين. هن چيو ته پوليو خلاف جنگ ۾ ڪامي??بي اجتماعي ڪوششن ذريعي ئي ممڪن آهي.