اسلام آباد- 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي ڊسٽريبي??شن ڪمپنين جي ڪ??رڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلدي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ جي نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، اوور بلنگ ڪنهن به صورت قبول جوڳي ناهيم اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪ??ي ويندي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن، وزيراعظم بجلي جي ڊسٽريبي??شن ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي مقرري جي عمل ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انتهائي شفاف عمل ذريعي بجلي جي ڊسٽريبي??شن ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي مقرري جو عمل جلدي مڪمل ڪيو وڃي، ڊسٽريبي??شن ڪمپنين ۾ افرادي قوت جي ڀرتي ميرٽ تي ڪ??ي وڃي ۽ ڀرتين جي عمل ۾ شفافيت تي ڪ?? ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويند. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته نيپرا جو ڏنل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. اجلاس دوران لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (فيسڪو) جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي مطابق اجلاس کي ليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي ڪ??رڪردگي تي تفصيلي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مالي سال 25-2024ع ۾ نومبر تائين ليسڪو جي ريڪوري 96.82 سي??ڙو، پيسڪو جي ريڪوري 87.98 سي??ڙو ۽ فيسڪو جي ريڪوري 97.57 سي??ڙو رهي آهي. مالي سال 25-2024ع ۾ نومبر تائين ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبي??شن لاسز جي حوالي سان ليسڪو 13.04 سي??ڙو، پيسڪو 33 سي??ڙو جڏهن ته فيسڪو 6.01 سي??ڙو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ليسڪو کي 22365 ٿري فيز سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن جن مان 49470 ??ڳا??ا ويا آهن اهڙي طرح پيسڪو کي 152559 سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن جن مان 51173 ??ڳا??ا ويا آهن جڏهن ته فيسڪو کي 192311 سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن جن مان 11276 ??ڳا??ا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي صارفين کي شڪايتن جي ازالي ۽ ٻين خدمتن جي حوالي سان ڪال سينٽرز، اي ميلز، ويب سائٽس، انٽريڪٽو وائس ريسپانس، نيپرا جي موبائل ۽ ويب سروسز جون سهولتون حاصل آهن. بجلي جي فراهمي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايتن جي حوالي سان هيلپ لائن 118 جي سمورن موبائل فون آپريٽرز کان مفت پهچ يقيني بڻائي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال نومبر تائين ليسڪو 99.2 سي??ڙو، پيسڪو 99.9 سي??ڙو ۽ فيسڪو 99.7 سي??ڙو تائين شڪايتون حل ڪيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چ??مه?? وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد خان لغاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪ??م بابت مملڪتي وزير سزا فاطمه، ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن به شرڪت ڪئي.