اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊسمبر ۾ 1328 ارب روپين جو محصول وصول ڪيو. اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي صلاحڪار شهزاد پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته ڊسمبر لاءِ مقرر ڪيل هدفن جو 97 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آهي. جون 2024ع کانپوءِ ايف بي آر پهريون ڀيرو وصوليون ڪيون آهن، جون ۾ 1190 ارب روپين جو محصول وصول ڪيو هو. هن چيو ته ايف بي آر ڊسمبر 2024ع ۾ 70 ارب روپيا ري فنڊ جاري ڪرڻ باوجود وڌيڪ وصوليون ڪيون، گذريل سال ڊسمبر ۾ ري فنڊ جي مد ۾ 38 ارب روپيون جون ادا??يگ??ون ڪيون وي??ن هيون. جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايف بي آر مجموعي طور تي 5.625 ٽريلين روپيون جو وصوليون ڪيون، جيڪي ان مدي جو مجموعي هدف جو 94 سيڪڙو آهي. هن چيو ته جي ڊي پي جي تناسب سان ٽه ماهي بنيادن تي ٽيڪسن جي شرح 10.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو هدف 10.6 سيڪڙو مقرر ڪيو وي?? هو، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جو هدف چار سالن جي بلند ترين سطح تي آهي.