اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، انهن جي حوصلا افزائي نئين پاڪستان جو ويزن آهي، اسٽارٽ ا??س پروگرام نوجوانن جي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهي، جن معاشرن ۾ نئين تصورن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي اهي ئي ترقي ڪن ٿا، اسان کي ??نهنجي نوجوانن کي ذهني آزادي ڏيڻي آهي، موجوده حڪومت انهن کي ??ڪمل تعاون ۽ سرپرستي مهيا ڪندي، اسان پاڪستان کي اهو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جيڪو 60ع جي ڏهاڪي ۾ بڻجڻ وڃي رهيو هو، انشاءَ الله پاڪستان پوري خطي جي قيادت ڪندو. هو انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي اهتمام هيٺ اڪنائٽ جي نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز اسٽارٽ ا??س جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.