اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هڪ اعليٰ ??طحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل ايس اوي پي هواوي ٽيڪنالاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ??يڪنالاجي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زه??ن وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ??يڪنالاجي جي منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان آراس??ه ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.