اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته آئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناه?? وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چي?? ته اسان مشڪل حالتن ۾ اقتدار ??نڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، تنقيد ڪئي وئي، صحافين مشڪ?? وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ??دا ڪيو، وزيراعظم چي?? ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار ??ٺو رهيو ۽ ڪجهه جو سٺو نه رهيو، هن چي?? ته آرمي چي?? جنرل قمر جاويد باجوه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چي?? ته فوج منهنجي لاءِ اثاثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ?? آساني ٿيندي، وزيراعظم چي?? ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي